SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ecology- Eco-Politics

(click word to listen sound
  • 🔊
  • iːkɔlədʒiː
  • eco
  • pɔlitiks
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Ecology- Eco-Politics

ايڪالاجي/ ايڪوپاليٽڪس

ماحوليات- ماحولياتي سياست

انسان ذات ۽ اُن جي آسپاس موجود ساهوارن ۽ ماحول جي وچ ۾ لاڳاپي جي مطالعي کي ”ماحولياتي علم“ سڏيو وڃي ٿو. هن علم تحت وڌندڙ ٽيڪنيڪي فني ايجادن ۽ انساني آباديءَ سبب، ماحول تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۽ ٻي موجودات لاءِ وڌندڙ هاڃن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ يا اُپاءَ وٺڻ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ماحولياتي سياست ذريعي انسان ۽ ماحول جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي عملي سياست ۽ بين الاقوامي لاڳاپن تي پوندڙ اثرن جو مطالعو ڪبو آهي. هي نظريو نئون آهي ۽ 1971ع ۾ مشهور سياسي دانشورن ’هيرلڊ‘ ۽ ’مارگريٽ اسپرائوٽ‘ جي علمي ڪاوش Towards a Politics of the Planet Earth (دُنيا جي گولي سان لاڳاپيل سياست بابت) ذريعي تفصيل سان پڌرو ڪيو ويو. خوراڪ ۽ ٻين وسيلن جي اڻاٺ، ماحولياتي تباهي، ماحولياتي تبديلي، سمنڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال، سامونڊي مٿاڇري، آسپاس جي ماحول ۽ پولار سميت ڪيترائي موضوع هن علم جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ انهن جو سياست تي وڏو اثر ٿئي ٿو. اُهي وسيلا جيڪي سڄي دنيا جي ملڪيت (Global Commons) آهن ۽ جن جي تباهيءَ جي ڪري، سڄي دُنيا تي اثر پون ٿا، اِن علم ۾ اُنهن جي اهميت ۽ حفاظت پولار تمام گهڻي وڪالت ڪئي وئي آهي.


Remember Me Also:

ڪوٺ ٿيڻ

سَڏ ٿيڻ ، دعوت ملڻ ،نياپو اچڻ ، گهُرَ ٿيڻ ، طلب ٿيڻ ، يادگيري ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal